ڄامشورو/ڪوٽڙي(نمائندا) ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو جي اعنوان ھيٺ 15 آڪٽوبر تي جسقم طرفان اعلانيل ريلي جي حوالي سان جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڄامشورو پھچي ويو، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي جسقم چيئرمين چيو ته ڌاري آباڪاري خلاف 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ٿيندڙ تاريخي ريلي ۾ شرڪت لاءِ سنڌي قوم وٽ پيغام کڻي نڪتا آھيون، ھر باشعور ماڻھو کي ان تاريخي ريلي ۾ شريڪ ٿي ٻڌي جو ثبوت ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته ڌارين جي يلغار سنڌي قوم جي وحدت کي نقصان ڏنو آھي جيڪي ڌاريا سنڌ ۾ رھن ٿا اھي غيرقانوني، سپريم ڪورٽ طرفان جيڪو ڌارين کي پنھنجي ملڪ موڪلڻ وارو فيصلو ڪيو ويو آھي ان فيصلي تي عمل ڪرائي افغانين سميت سڀني ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، ڌاريا اسان سنڌ جي وسيلن تي قابض آهن ڌارين جي لوڌ سبب لکين سنڌ نوجوان بيروزگار آهن، ھٿ سان ڌاريا آباد ڪري سنڌي قوم کي اقليتن ۾ تبديلي ڪيو پيو وڃي انھن ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ھاڻي وقت آيو آھي تـ اسان پنھنجي ڌرتي ڌارين کان آجي ڪرايون، خاڻوٺ ۾ بيدردي قتل ٿيل معصوم ٻارڙي مرتضيٰ ملاح واري واقعي تي افسوس آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.هوڏانهن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪوٽڙي ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو آھي ته سنڌ ھن وقت مختلف سازشن کي منھن ڏئي رھي آھي سنڌ جي بقا لاءِ سنڌي ماڻھن کي متحد ٿي جدوجھد ڪرڻي پوندي، ھن چيو ته ڌاري آبادڪاري سنڌ لاءِ وڏو خطرو آھي ان لاءِ ھتان ڌارين ماڻھن کي فوري طور تي نيڪالي ڏني وڃي ھن چيو ته اسان 15 تاريخ تي حيدرآباد ۾ ڌاري آبادڪاري ، بدامني ۽ سنڌ کي لاحق خطرن خلاف ڀرپور احتجاج ڪري رھيا آھيون ته جيئن سنڌ مان ڌاري آبادڪاري کي ڪڍيو وڃي، ھن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي مھانگائي، غربت ۽ بيروزگاري ماڻھن جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي ھن چيو ته اسان ڪنھن به صورت ۾ خاموش نه ويھنداسين ۽ سنڌ جي ٿيندڙ ھر سازش جو مقابلو ڪنداسين جنھن بعد ھن سماجي اڳواڻ امتياز جوکيو جي لاڏاڻي ۽ فشر فوڪ اڳواڻ محمد ملاح جي پٽ جي لاڏاڻي ۽ قومي ڪارڪنن نعمان راھوجو جي پيءُ جي لاڏاڻي تي سندن پونيئرن سان تعزيت پڻ ڪئي .