”چونڊن جا ويجهي مستقبل ۾ آثار نه نشان“

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اسلام آباد ۾ ڪنهن کي به خبر ناهي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون، چونڊون ويجهي مستقبل ۾ ٿيندي نظر نه پيون  اچن،اسلام آباد جي آبپاره مارڪيٽ ۾ موجود ” اهم آفيس“ فيصلو ڪيو آهي ته في الحال جيڪو چيو پيو وڃي ايترو ئي ٻڌو وڃي، وڌيڪ ڪجهه نه چيو وڃي نه پڇيو وڃي.

صحافي عمران شفقت چيو آهي ته ٻه اڍائي سال وساري ويهو، شهبازشريف نگران حڪومت لاءِ قانون سازي ڪرائي ويو آهي، قانون سازي تحت هاڻي آءِ ايس آءِ جي مرضي هلندي.

هن چيوته آفيسر آءِ ايس آءِ جي ڳالهه نه مڃيندا ته پوءِ ڪارروائي ٿيندي،اليڪشن ڪڏهن ٿيندي اهو فيصلو پاڪستان ۾ ”طاقتور ماڻهو “ ڪندا، فوجي اسٽيبلشمينٽ کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي، اهو بال سياستدانن ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي ڪورٽ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، اميد آهي ته اسٽيبلشمينٽ ماضي مان سبق سکيو هوندو،

نواز شريف وٽ وطن واپسيءَبنا رستو بچيو ناهي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  نواز شريف وٽ هاڻي وطن واپسيءَ کانسواءِ ٻيو رستو نه بچيو آهي، نامياري صحافي رضوان رضي جو  چوڻ آهي ته نواز شريف کي پنهنجي سياست ۽ پارٽي بچائڻي آهي ته کيس وطن واپس اچڻو پوندو. اسٽيبلشمينٽ وٽ به چونڊون ڪرائڻ بنا ٻيو رستو نه آهي، ملڪ جي معيشت به هڪ چونڊيل حڪومت ئي بهتر ڪري سگهي ٿي، ميان نواز شريف جو وطن ورڻ کان اڳ سعودي عرب، عرب امارات، قطر يا چين وڃڻ جو مقصد به اهو آهي ته هو انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ  تي راضي ڪندو. جنهن سان معيشت ۾ بهتري اچڻ جا امڪان آهن، نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ هن وقت نواز شريف جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪو اڳواڻ نظر نٿو اچي. ڇو ته عمران خان جيل ۾ آهي، پيپلز پارٽي نواز شريف سان مقابلي جي پوزيشن ۾ نه آهي. ان هوندي به فيصلو عوام کي ووٽ ذريعي ڪرڻو آهي. ڏسجي ته عوام  ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.