ورلڊ ڪپ:سينٽنر آڏو ڊِچ بيٽر بيوس، نيوزيلينڊ، نيڌرلينڊز کي 99 رنسن تان هارائي ڇڏيو

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ڇهين ميچ ۾ نيوزيلينڊ، نيڌرلينڊر کي رنسن 99 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ مسلسل ٻي فتح حاصل ڪري ورتي آهي.

نيوزيلينڊ طرفان 323 رنسن جي جواب ۾ نيڌرلينڊز ٽيم 47 هين اوور ۾ 223 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

نيڌرلينڊز طرفان ڪولن ايڪرمن 69 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان اسڪائوٽ ايڊورڊز 30، سئبرانڊ انگلبريخت 29  ۽ تيجا نائيڊمنارو 21 رنسون ٺاهيون.

نيوزيلينڊ جي مچل سينٽنر 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته مئٽ هنري 3 ۽ راچن رويندرا جي حصي ۾ 1 وڪيٽ آئي.

حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم۾نيوزيلينڊ  ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو پهريان کيڏندي مقرر اوورن م ست وڪيٽن جي نقصان تي 322 رنسون ٺاهيون.

ڪيوي ٽيم طرفان وِل ينگ ستر رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ٻين رانديگرن ۾ ڪيوي ڪپتان 53 ۽ راچن رويندرا 51 رنسون ٺاهيون.

ان کانسواءِ ڊيرل مچل 48 ۽ ڊيون ڪانوي 32 رنسون ٺاهيون، مارڪ چيمپين پنج ۽ گلين فلپس چار رنسون ٺاهي سگهيا.

نيڌرلينڊز طرفان آريان دت، وين ميڪيرن ۽ وين ڊرمرو ٻه، ٻه جڏهن ته بيس ڊي ليڊا هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

شاندار بالنگ تي مچل سينٽنر کي پلئير آف ميچ قرار ڏنو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.