ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڀرندڙ ۽ فرنٽ لائن معيشتن ۾ پاڪستاني ڪرنسي سومر تي به ڪاروباري هفتي جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو اعزاز برقرار رکيو.
اسٽيٽ بئنڪ ۽ بلوم برگ جي انگن اکرن موجب سومر تي انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ڪرنسي جي قدر ۾ 0.4 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ڪئي وئي.
سومر تي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ڪرنسي جو قدر 281.65 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، گذريل ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جو قدر 283.69 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو.
موجوده مالي سال جي شروعات کان وٺي هيل تائين ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ڪرنسي جي قدر ۾ مجموعي طور تي 1.7 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪرنسين ۾ ملائيشين ڪرنسي ٻئي، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا جي ڪرنسي ٽئين نمبر تي آهي.
واضح رهي ته سيپٽمبر ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ڪرنسي اڀرندڙ ۽ فرنٽ لائن معيشتن ۾ بهترين ڪرنسي جو اعزاز حاصل ڪيو هو.
You might also like