ڀارت جي منافقت، اسرائيل تي حملي جي مذمت کان پوءِ فلسطين جي حمايت ۾ بيان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي مخالف ڌر جماعت ”ڪانگريس“ طرفان اسرائيل تي حملي جي مذمت کان پوءِ فلسطينين جي حمايت ۾ بيان جاري ڪيو ويو آهي، ڪانگريس جي ورڪنگ ڪميٽي اسرائيلي فوج ۽ حماس وچ ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيوآهي.
ڪانگريس جو چوڻ هو ته هن سدائين فلسطيني عوام جي زميني خودمختياري، وقار ۽ احترام سان رهڻ جي حقن لاءِ حمايت ڪئي آهي.
ڪانگريس هڪ بيان ۾ چيو ته ورڪنگ ڪميٽي فوري طور تي جنگ بندي ۽ سڀني مسئلن تي ڳالهيون شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي جن ۾ اهي ضروري مسئلا به شامل آهن جن موجودهه تڪرار کي جنم ڏنو آهي.
ڪانگريس جو اهو بيان پارٽي طرفان اسرائيلين تي حملن جي مذمت جيهڪ ڏينهن کان پوءِ سامهون آيو آهي.
ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري جيرام رميش چيو ته هن جي پارٽي جو سدائين اهو مڃڻ آهي ته فلسطيني عوام جي جائز خواهشن کي ڳالهين ذريعي پورو ڪرڻ گھرجي ۽ اسرائيلين جي قومي سلامتي جي خدشن کي يقييني بنائڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.