معاشرو ڪو ايجوڪيشن جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي: خليل الرحمان قمر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڊراما نگار خليل الرحمان قمرپنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪو ايجوڪيشن نه هجڻ گھرجي ڇو جو معاشرو ان جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي.
خليل الرحمان قمر تازو ئي هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان هن کان ڇوڪرن جي ننڍي عمر ۾ شادي ۽ انهن جي زندگي بابت سوال ڪيا.
ان جي جواب ۾ خليل الرحمان قمر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو نوجوان شادي نٿو ڪرڻ چاهي ته ان جو مطلب اهو اهي هن کي ڪيتريون ئي گرل فرينڊز آهن پر ان ۾ نقصان رڳو ڇوڪريءَ جو ئي آهي ڇو جو جيڪي ناريون ڇوڪرن کي دوست بڻائينديون آهن انهن کي شادي لاءِ ناهي چونڊيو ويندو جڏهن ته ڇوڪرن جو ڪو به نقصان ناهي ٿيندو جيتريون گرل فرينڊز هونديون مرد کي اوترو ئي فائدو ٿيندو، جيڪڏهن عورت پنهنجي حياءَ ۽ عزت جو خيال نه رکنديون ته ان جو فائدو مردن کي ئي ٿيندو.
خليل الرحمان قمر ڳالهه ٻولهه دوران لفظ ”يار“ جي استعمال تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اهڙن لفظن سان سڄو نقصان عورت جو ئي آهي، منهنجي 19 سالن جي عمر ۾ شادي ٿي هئي، ان کان اڳ به منهنجي ڪا به دوست نه هئي، عورت جو ڪردار ئي مرد جي ڪردار جو بنياد آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مون ويجهو ڪو ايجوڪيشن ئي غلط آهي ڇو جو اوهان ان جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهن، ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ڌار ڌار هجڻ گھرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.