نصرالدين شاهه کي ڪهڙي دوست اداڪار پٺيءَ ۾ ڇُري وهائي ڪڍي هئي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار نصير الدين شاهه پنهنجي ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڀيرو هن کي هڪ دوست اداڪار پٺيءَ ۾ ڇُري وهائي ڪڍي هئي جنهن جي ڪري هن جو گھڻو رت وهي ويو هو.
نصير الدين شاهه اڪثر پنهنجن بيباڪ بيانن سبب خبرن جي زينت بڻيل رهندو آهي ۽ هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پنهنجي زندگي جي مختلف واقعن جو ذڪر ڪيوآهي.
ڀارتي اداڪار پنهنجي ڪتاب ۾ انڪشاف به ڪيو ته هڪ ڀيرو هن جي هڪ دوست اداڪار جسپال کيس چاقو هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هو، اهو 1977ع جو واقعو آهي جڏهن هو ممبئي ۾ فلم ڀوميڪا جي شوٽنگ ۾ مصروف هو ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي دوست اوم پوري سان گڏ هڪ ريسٽورينٽ ۾ کاڌو کائي رهيو هو ته جسپتال به اتي پهتو.
نصير الدين شاهه وڌيڪ لکيو ته انهن ڏينهن ۾ هن ۽ جسپال وچ ۾ ٽينشن هلي رهي هئي ۽ جڏهن هو هوٽل ۾ داخل ٿيو ته آئون کيس نظرانداز ڪري ڇڏيو پر ڪجهه دير کان پوءِ جسپال کي پنهنجي ويجهو ڏٺو ۽ انهيءَ دوران هن منهنجي پٺي ۾ زوردار مُڪ هنئين، آئون جسپال کي قابو ڪرڻ لاءِ اٿيس پئي ته انهيءَ دوران اوم پوري منهنجي پٺي ڏسي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ جڏهن آئون پوئتي مڙي ڏٺو ته جسپال جي هٿ ۾ هڪ ننڍي ڇري هئي جنهن جي چنهنب مان رت وهي رهيو هو، جسپال ٻيهر حملو ڪرڻ لاءِ هٿ کنيو پر اوم پوري ۽ ٻن ٻين ماڻهن کيس روڪي ورتو.
ڀارتي اداڪار پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٻڌايو ته اوم پوري مون کي اسپتال وٺي وڃڻ چاهي پيو پر ريسٽورينٽ جي مالڪ چيو ته جيستائين پوليس نٿي اچي اوهان هتان نه وڃو، پوءِ پوليس ۽ ايمبولينس پهتي ۽ اسان کي کڻي وئي، آئون دعا ڪري رهيو هيس ته مون کي ٿاڻي تي نه وٺي وڃن ڇو جو منهنجو رت وهي رهيو هو ۽ مون کي تڪليف به محسوس ٿي رهي هئي.
نصير الدين شاهه ٻڌايو ته ڪجهه سوال پڇڻ بعد پوليس اسان کي اسپتال کڻي وئي ۽ جڏهن گھر ويس ته جسپال عيادت لاءِ آيو ۽ هن ٻڌايو ته معاملي جو سبب ذاتي رنجش نه هئي پر اداڪار ان جا سبب ۽ پوءِ جسپال سان دوستي بابت ناهي ٻڌايو ته هن جي جسپال سان دوستي ڪيئن ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.