بدين: فڊرل يونين آف جنرلسٽس جي سڏ تي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

فڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي  بدين جي صحافين شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

صحافين پاران ايڇ يو جي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر حاجي خالد محمود گھمڻ، ايوان صحافت جي صدر لالا هارون گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته  شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ گھربل جوابدارن مٿان بااثر سردارن ۽ ڀوتارن جا هٿ آهن جنهن ڪري پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري رهي.

احتجاج ڪندرن نگران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي شهيدن جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ جا ھزارين صحافي وزيراعليٰ سنڌ هائوس جو گھيراءُ ڪرڻ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.