ڏهرڪي: آبادگارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جو ڦٽي جو سرڪاري اگهه نه ملڻ ۽ ڪٽوتين خلاف ڌرڻو

ڏهرڪي ۾ آبادگارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ڪپهه جي اگھه ۾ لاٿ ڪٽوتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

آبادگارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن حيدر شر جي اڳواڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار آفيس آڏو ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڦٽي جو سرڪاري اگهه 8500 رپيا في مڻ مقرر ٿيل آهي پر هتي فيڪٽري مالڪ ۽ واپارين ملي ڀڳت ڪري ڦٽي جو اگهه ڪيرائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪٽوتي ڪري آبادگارن کي نقصان ڏنو پيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن نگران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڦٽو جو مناسب اگهه ڏئي ڪٽوتيون بند ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويند.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.