ڪوٽڙي: سائيٽ جي رهواسين جو پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج، ڌرڻو

ڪوٽڙي سائيٽ جي 20 کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ ۽ ٽينڪر مافيا جي من مانين خلاف پاڪستان نوجوان تحريڪ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

مظاهرين عبدالستار لُهر، نظير بليدي ۽ ٻين جي ڳواڻي ۾ ڊي سي ڄامشورو جي آفيس آڏو  احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هوته پاڻي جون لائنون ھٿرادو بند ڪري علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي پاڻي جون لائنون ھئڻ جي باوجود به ٽينڪر گھرائڻ تي مجبور آھيون.

ھنن مطالبو ڪيو ته لائنن وسيلي پاڻي فراھم ڪيو وڃي ۽ جن علائقن ۾ لائنون ناهن اتي سرڪاري ٽينڪرن ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.