ڪوٽڙي جي انڊسٽريل زون واري علائقي مان اڻڄاتل هٿياربند فيڪٽري جي ٺيڪيدار کان 8 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا.
موٽرسائيڪل سوالر هٿياربند بينڪ مان ملازمن جي پگھارن جا پيسا ڪڍرائي فيڪٽري واپس ايندڙ ٺيڪيدار انور خان کان 8 لک رپيا روڪ رقم ڦرڻ بعد کيس پسٽل جا بٽ هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.
واقعي جي رپورٽ سائيٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي جڏهن ته پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.