ميهڙ: ڳوٺاڻن جو بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ٽيوب ويل فيڊر جي بندش خلاف ڌرڻو

ميهڙ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ آبادگار اتحاد جي سڏ تي بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ۽ ٽيوب ويل فيڊر جي بندش خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

ڳوٺاڻن پاران امجد تنيو، سڪندر سوڍر، حبيب حضوري، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻانهن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي سيپڪو آفيس جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ميھڙ گرڊ اسٽيشن اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو.

ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سيپڪو عملدارن بنا جواز ٽيوب ويل فيڊر بند ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب واٽر سپلاءِ  اسڪيمون ۽ پمپنگ اسٽيشنون بند ٿي ويون آھن، ساريالو فصل سڪي رهيو آهي ۽  ماڻھو پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ به پريشان آھن.

ھنن چيو ته شھر توڙي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ 20 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي سخت گرمي سبب ماڻھن جي زندگي عذاب بڻيل تعليمي ادارن توڙي اسپتالن ۾ بجلي نه ھجڻ سبب سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته ميهڙ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪري ٽيوب ويل فيڊر هلايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.