ميروخان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ واپارين سان سارين جي اگھن ۾ هٿرادو لاٿ ۽ ڪٽوتي خلاف آبادگارن پاران گڏجاڻي ڪوٺائي وئي.
گڏجاڻي نئون ٺارو وڌو ۾ آبادگار اڳواڻ رستم علي تنيو جي رهائشگاهه تي ٿي گذري جنهن ۾ آبادگاربورڊ جي نائب صدر غلام مرتضيٰ لاشاري، محسن قاضي، رسول بخش سيلرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي آبادگارن جو چوڻ هو ته رائيس ملڪ مالڪن ۽ واپارين هٿرادو سارين جا اگھه گھٽائي في مڻ تي ڪٽوتي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب آبادگار پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هنن چيو ته ٻج ۽ ڀاڻ بليڪ ڪيو ويو ۽ جانور به مهانگا وڪرو ڪيا پيا وڃن پر سارين جو اگهه رڳو 1800 سئو رپيا في مڻ آهي.
آباگارن نگران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سارين جو اگهه 4500 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻا هنيا ويندا.