نوشهري فيروز ۾ بااثر منشيات فروشن پوليس اهلڪار کي مبينا تشدد جو نشانو بڻائي سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا.
ٽموڙ چوڪي جي اھلڪار اشرف علي زرداريءَ احتجاج ڪندي چيو ته منشيات فروش موبائل فون، روڪ رقم، سروس ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ ڦري تشدد جو نشانو بڻايو آهي.
پوليس اهلڪار ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.