ڀارت ورلڊ ڪپ ۾ ٻين ٽيمن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي!

ڀارت ۾ جاري عالمي ڪپ ۾ تمام ٽيمن جي هڪ، هڪ ميچ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان ۽ ڀارت سميت پنج ٽيمن ٻه، ٻه پوائنٽ حاصل ڪري ورتا آهن.

پنجن ٽيمن مان نيوزيلينڊ رن ريٽ جي بنياد تي سرِ فهرست آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان ترتيبوار ٻين ۽ ٽين پوزيشن تي موجود آهن، پاڪستان کانپوءِ بنگلاديش ۽ ڀارت جو نمبر اچي ٿو جڏهن ته نيوزيلينڊ هٿان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ جي ڏهين پوزيشن آهي.

ICC

 

گذريل ڏينهن ميزبان ڀارت ڏکڻ هندوستان جي شهر چنائي ۾ آسٽريليا کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنهنجي عالمي ڪپ مشن جي فتح سان شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول پنهنجي شاندار راند جو مظاهرو ڪيو.

گذريل ڏينهن چنائي جي وڪيٽ تي رنسن جو بحران پيدا ٿيو، آسٽريليا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو، ڇو ته ڀارتي بالرن انتهائي شاندار بالنگ ڪندي آسٽريلوي بيٽرن کي ڪنهن به موقعي تي هٿ کولڻ نه ڏنا.

آسٽريليا جي 200 رنسن جي ٽارگيٽ جي  جواب ۾ ڀارتي ٽيم جي شروعات ڊرامائي طور خراب رهي ۽ سندس ٽي وڪيٽون رڳو ٻن رنسن تي ڪِري پيون جنهن سبب ميچ يڪدم دلچسپ صورتحال اختيار ڪري ورتي، ون ڊي انٽرنيشل ۾ پهريون ڀيرو ڀارتي جا ٽئي بيٽر کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويا.

دٻاءُ سان ڀرپور ميچ ۾ ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول پنهنجي فارم ۽ اعليٰ معيار جو مظاهرو ڪندي 165 رنسن جي ڀائيواري  قائم ڪئي، ڪوهلي جي پنجاسي رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته ڪي ايل راهول ڇڪو هڻي ڀارت کي فتح ڏياري جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

ڀارت جي شاندار ڪاميابي تي اڳوڻن ڪرڪيٽرن، تجزئي نگارن ۽ مداحن پاران سوشل ميڊيا تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو.

آسٽريليا خلاف شاندار ڪاميابي کانپوءِ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وسيم جعفر چيو ته ان کان وڌيڪ ڪو دٻاءُ نه ٿو ٿي سگهي، عالمي ڪپ ميچ ۾ ٻن رنسن تي ٽي رانديگر آئوٽ ٿيڻ بعد پرجوش آسٽريليا خلاف دٻاءُ مان نڪري ميچ ۾ واپس اچڻ ۽ کٽڻ تائين اِها ميچ ڪيئي زمانن تائين ياد رکي ويندي.

پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر لکيو ته ڪنگ ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول شاندار اننگز کيڏي، اِها ميچ آسٽريليا لاءِ کٽڻ مشڪل هئي مٿان وري ماڪَ ميچ کي ڀارت لاءِ آسان بڻائي ڇڏيو.

اڳوڻي ڀارتي بيٽر محمد ڪيف لکيو ته پنجين نمبر تي بيٽنگ ڪندڙ ڪي ايل راهول جي ڪاميابي جو راز اِهو آهي ته هو سٺن بالن کي عزت، ڀائيواري قائم ڪرڻ، حملي لاءِ درست بالر جي چونڊ ۽ آخر ۾ حالتن پٽاندڙ پنهنجا شارٽ کيڏڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ويرات ڪوهلي حقيقي معنيٰ ۾ چيز ماسٽر آهي، عالمي ڪپ ۾ مخالف ٽيمن جا بالر هن کان ڊنل هوندا.

ڪيئي واهپيدارن کي ڪوهلي جي سينچري نه ڪري سگهڻ تي ڏک ٿيو ته کوڙ اهڙا به هئا جن جي نظر ۾ اسي رنسن جي اننگز  سينچري کان مٿانهين هئي.

آسٽريليا خلاف پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ ڀارت جي ٽنهي شعبن ۾ آئوٽ ڪلاس پرفارمنس ٻين ٽيمن لاءِ هڪ پيغام آهي ته ڀارتي ٽيم کي گهرو ڪنڊيشن ۾ هارائڻ ڪڙو امتحان هوندو.

تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ڀارت کي پنهنجي هوم ڪنڊيشن تي کيڏڻ ۽ تماشائين جي سپورٽ جو فائدو  حاصل آهي، سمورا رانديگر گارم ۾ آهن ۽ ڪجهه نئون ڪرڻ جي جذبي سان سرشار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.