يورپي يونين فلسطينين جي امداد روڪي ڇڏي

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي ڪميشن فلسطينين لاءِ 691 ملين يورو جي ترقياتي امداد جي پنهنجي مڪمل پورٽ فوليو تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو آهي.
يورپي يونين جي پاڙيسرين بابت ڪمشنر اوليور ورهيلي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسرائيل ۽ ان جي ماڻهن خلاف دهشتگرد جو پيمانو هڪ اهم موڙ آهي، هاڻ معمول موجب ڪو بزنس نٿو ٿي سگهي.
سندس موجب فيصلي جو مطلب اهو آهي ته ادائيگيون فوري طور تي معطل ڪيون وينديون، منصوبن جو جائزو ورتو ويندو ۽ بجيٽ ۾ نيون تجويزون ايندڙ نوٽيس تائين ملتوي ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.