پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ رد ڪرڻ جي صوبائي حڪومت جي فيصلي کي برقرار رکندي 6 هفتن ۾ ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ان حوالي سان داخل رٽ درخواستن کي اڪلائي ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالشڪور ۽ جسٽس سيد ارشد علي ڪجهه ڏينهن درخواستن تي محفوظ فيصلو جاري ڪيو.
فيصلي ۾ صوبائي حڪومت طرفان 6 هفتن ۾ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ جي فيصلي کي برقرار رکيو ويو آهي ۽ قرار ڏنو ويو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ موجب ٽيسٽ ۾ وڏي پئماني تي جديد اليڪٽرانڪ اوزار جو استعمال ٿيو، صوبائي حڪومت جي جي آءِ ٽي وڏي پئماني تي نقل کي بي نقاب ڪيو.
عدالتي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ کانپوءِ حڪومت ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، ڪابينا جي منظوري کانپوءِ معاملي ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون، تنهن ڪري ڪابينا جي فيصلي موجب 6 هفتن اندر شفاف ٽيسٽ ڪرائي وڃي.
Next Post
You might also like