اسلام آباد (ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪاءَ اشرف پاڪستانين کي عالمي ڪپ لاءِ ويزائون جاري نه ٿيڻ واري معاملي تي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي سان رابطو ڪيو آهي.
پي سي بي موجب، ذڪاءِ اشرف ۽ پرڏيهي سيڪريٽري وچ ۾ پاڪستاني صحافين ۽ مداحن کي ويزائن ۾ دير واري معاملي تي ڳالهه ٻول ٿي، پي سي بي چيئرمين ويزائن ۾ دير واري معاملي تي ڳڻتي خدشن جو اظهار ڪيو.
پي سي بي پڌرائي موجب، ذڪاءَ اشرف ان معاملي تي پاڪستاني سفارتخاني ذريعي ڀارتي گهرو وزارت سان رابطو ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
پي سي بي موجب، چيئرمين ڀارت ۾ پاڪستاني ٽيم جي سيڪيورٽي تي ڳالهايو ۽ ڀارتي ميڊيا ۾ سيڪيورٽي ٿريٽس جي رپورٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
پي سي سي جو چوڻ آهي ته ذڪاءَ اشرف پاڪستاني ٽيم جي سيڪيورٽي واري معاملي ڀارتي سرڪار کي جوڳا قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي.
آ