ٽڪ ٽاڪ کي روز سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو استعمال ڪندا آهن، خاص طورتي نوجوانن ۾ اها ايپ وڌيڪ مشهور آهي.
پر حيران ڪندڙ طور تي ٽڪ ٽاڪ جا گھڻا واهپيدار انهن جي ڪجهه فيچرز کان اڻ واقف آهن جيڪي ان ايپ ۾ لڪيل هوندا آهن.
جي ها واقعي ٽڪ ٽاڪ جون ڪجهه ٽِرڪس آهن جيڪي ان ايپ جو استعمال بهتر بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون آهن.
ڊگھين وڊيوز کي تيزي سان ڏيکارڻ جو طريقو
ڇا اوهان کي خبر آهي ته ڊگھين ٽڪ ٽاڪ وڊيوز کي تيزي سان ڏيکارڻ جو سولو طريقو به ايپ ۾ لڪيل آهي؟
اوهان ڪنهن به وڊيو کي معمول جي رفتار کان ٻه ڀيرا وڌيڪ تيزي سان ڏسي سگھو ٿا، بس پنهنجي آڱرين کي فون جي اسڪرين جي کاٻي پاسي دٻائي رکو.
وڊيو جي رفتار سست ڪريو
تيز ڪرڻ سان گڏوگڏ اوهان وڊيوز جي رفتار کي سست به ڪري سگھو ٿا.
ان لاءِ هڪ آڱر کي اسڪرين تي ڪنهن به هنڌ دٻائي رکو جنهن سان پوپ اپ مينيو سامهون ايندو، جنهن جي مٿان پلي بيڪ اسپيڊ آپشنز موجود هوندا، جن سان اوهان وڊيو کي معمول کان 50 سيڪڙو گھٽ اسپيڊ سان به ڏسي سگھو ٿا.
اسڪرين تان آئڪونز هٽايو
جيڪڏهن اوهان ٽڪ ٽاڪ وڊيو تي لائيڪس، ڪمينش، فيورٽس ۽ ٻيا بٽڻ ڏسڻ پسند نٿا ڪريو ته انهن کي هٽائڻ ممڪن آهي.
اسڪرين کي دٻائي رکڻ تي هڪ مينيو نظر ايندو جنهن مان ڪليئر موڊ جي چونڊ ڪريو، جنهن کان پوءِ وڊيوز تي ڪو به بٽڻ نظر نه ايندو.
پڪچر ان پڪچر موڊ
جيڪڏهن اوهان ٽڪ ٽاڪ وڊيوز کي ٻين ايپس ۾ ڪم ڪندي ڏسڻ چاهيو ٿا ته ائين به ممڪن آهي.
وڊيو تي اسڪرين کي دٻائي رکو ته پوپ اپ مينيو نظر ايندو جنهن مان پڪچر ان پڪچر موڊ جي چونڊ ڪري سگھجي ٿي.
ان کان پوءِ ٽڪ ٽاڪ کان ٻاهر نڪرڻ تي به وڊيو بيڪ گرائونڊ ۾ اسڪرين جي مٿان هلندي رهندي، پر پاڻمرادو وڊيوز به تبديل ٿينديون رهنديون.
آٽو اسڪرول
ان فيچر سان وڊيوز پاڻمرادو تبديل ٿينديون رهنديون ۽ اوهان کي اسڪرين کي ڇُهڻ جي ضرورت نه پوندي.
ڪنهن به ٽڪ ٽاڪ وڊيو کي اوپن ڪري اسڪرين کي دٻائي رکڻ بعد نظر ايندڙ پوپ اپ مينيو مان آٽو اسڪرول جي آپشن جي چونڊ ڪريو.
ان کان پوءِ ٽڪ ٽاڪ ايپ پاڻمرادو وڊيوز کي اسڪرول ڪندي رهندي.
واچ هسٽري ڏسو
ٽڪ ٽاڪ اوپن ڪري مٿي ساڄي پاسي ٿري ڊاٽ مينيو تي ڪلڪ ڪريو ۽ اتي پهريان سيٽنگز اينڊ پرائيويسي ۽ پوءِ ايڪٽوٽي سينٽر ۾ وڃو.
اتي اوهان کي واچ هسٽري جو آپشن نظر ايندو جنهن ۾ اهو ڏسڻ ممڪن هوندو ته ماضي ۾ اوهان ڪهڙيون وڊيوز ڏسي چڪا آهيو يا انهن وڊيوز کي ڏسڻ به ممڪن آهي جن تي ڪڏهن ڪمينٽ ڪيو هجي.