سون جي اگهن بابت وڏو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سونارا بازار ۾ سون جي اگهن جي حوالي سان هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بلين جي نمائندن سميت سونارا ايسوسيئيشن جا عهديدار شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ سون جا اگهه مقرر ڪرڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا.
حاجي هارون رشيد چاند وڏو اعلان ڪندي چيو ته سڀاڻي کان انٽر بئنڪ سان گڏ ريٽ جاري ڪنداسين.
سونارا ايسوسيئيشن موجب اسرائيل فلسطين جنگ سبب اڄ عالمي سطح تي سون جي اگهن ۾ واڌ ٿي.
ترجمان ٻڌايو ته جنگ سبب اڄ مقامي طور تي سونارا بازار ۾ سون موجود نه هو.
سون جي اگهن جي حوالي سان ترجمان ٻڌايو ته اڄ مقامي سونارا بازار ۾ في تولو سون هڪ لک 95 هزار 5 سئو رپين جو ٿي ويو.
ترجمان موجب مارڪيٽ ۾ سون گذريل هفتي گهٽ ٿي هڪ لک 88 هزارن جو ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.