جنگلي جانور شينهن کان وڌيڪ ڪهڙي مخلوق کان ڊڄندا آهن؟ عجيب تحقيق

شينهن کي خشڪي جو سڀ کان وڏو شڪاري جانور تسليم ڪيو ويندو آهي جنهن کي ڏسي جاندار ڊڄي ويندا آهن.
پر جنگل جي بادشاهه کان وڌيڪ جانور جنهن کي ڏسي ڊڄي ويندا آهن، اهو ڪو ٻيو نه پر انسان آهي.
اها دلچسپ دعويٰ ڪئناڊا ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
ويسٽرن يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته هاٿي، گينڊا، گدڙ ۽ زراف جهڙا جانور سڀ کان وڌيڪ انسانن کان ڊڄندا آهن.
محققن جو چوڻ هو ته نتيجن مان ان خيال کي هٿي ملي ٿي ته انسان دنيا جو سڀ کان وڏو شڪاري آهي.
ڏکڻ آفريقا جي گريٽر ڪروگر نيشنل پارڪ ۾ ان تحقيق دوران مختلف تجربا ڪيا ويا.
نتيجن مان خبر پئي ته شينهن جي ڀيٽ ۾ انساني آواز ٻڌي جنگلي جانور ٻه ڀيرا وڌيڪ تيزي سان ڀڄندا آهن، واضح رهي ته ان نيشنل پارڪ ۾ شينهن جو انگ تمام گھڻو آهي.
محققن جڏهن پاڻي جي ذخيرن جي ويجهو انساني آوازن جي رڪارڊنگ هلائي ته زيبرا، هاٿي، هرڻ ۽ ٻيا جانور گھٻرائجي تيزي سان اتان ڀڄي ويا.
محققن موجب اهو واضح رهي ته شينهن جي ڀيٽ ۾ جانور انسان کان وڌيڪ ڊڄندا آهن.
تحقيق دوران مردن ۽ عورتن جي مقامي ٻولين ۾ نرمي سان ڳالهه ٻولهه جا آواز جانورن کي ٻڌايا ويا هئا ۽ انهن جي ردعمل محققن کي دنگ ڪري ڇڏيو.
هنن چيو ته شينهن ان نيشنل پارڪ جا سڀ کان خطرناڪ شڪاري آهن پر جانورن ۾ انسانن جو خوف سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي.
هنن جو چوڻ هو ته نتيجا حيران ڪري ڇڏڻ سان گڏوگڏ مايوس ڪندڙ به آهن.
تحقيق مان اشارو ملي ٿو ته نيشنل پارڪس ۾ سياحت سان جنگلي جيوت تي ناڪاري اثر پوندا آهن، ڀلي انسان اتي ڪجهه به نه ڪري پر انهن جو آواز به جانورن کي متاثر ڪندو آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل ڪرنٽ بائيولوجي ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.