يمنيٰ زيدي به فلسطينين جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهي آئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا يمنيٰ زيدي به فلسطين جي حق ۾ آواز اٿاري ڇڏيو، ڪارو لباس پهري ڳلي ۾ فلسطيني اسڪارف وجهي مختلف پلي ڪارڊز ذريعي فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.
يمنيٰ زيدي جو چوڻ هو ته منهنجو واسطو فلسطين سان ناهي، پر جڏهن اسان جو رت وهندو ته اوهان جو به وهندو، اسان سڀ هڪ امت آهيون.
اداڪارا چيو ته اوهان اهڙي ملڪ کي شڪست نٿا ڏئي سگھو جنهن جي حفاظت الله وٽ هجي.
يمنيٰ زيدي پنهنجي انسٽاگرام تي غزه تي اسرائيل جي هوائي حملن جي شديد مذمت لاءِ هڪ خاموش وڊيو شيئر ڪئي.
هن پاڪستان جي فلسطينين سان ٻڌي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڳلي ۾ هڪ علامتي فلسطيني اسڪارف پهريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.