ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ جي نتيجن ۾ تبديلين تي سنڌ حڪومت جو وڏو قدم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حوڪمت ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي نتيجن ۾ ٿيندڙ مبينا تبديلين جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ 3 رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ميٽرڪ جي تازن نتيجن ۽ تبديلين جي جاچ ڪندي ۽ سفارشون به ڏيندي به جيئن ٻيهر نتيجا تبديل نه ٿي سگهن.
نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي نتيجا تبديل ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن جو پتو لڳائيندي، ڪميٽي 14 ڏينهن ۾ رپورٽ چيف سيڪريٽري کي پيش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.