گينگسٽرز جون ڌمڪيون، شاهه رخ خان جي سيڪيورٽي وڌائي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار شاهه رخ خان کي ڌمڪي جوڳا پيغام ملڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري سندس سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا جو ان حوالي سان چوڻ هو ته شاهه رخ خان هلندڙ سال ٻه سپر هٽ فلمون ڏنيون آهن جن ۾ فلم ”پٺان“ ۽ ”جوان“ شامل آهن. جوان رليز ٿيڻ جي هڪ مهيني بعد به باڪس آفيس تي ڇانيل آهي، انهن ڪاميابين دوران شاهه رخ خان جي سيڪيورٽي ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي.
ڌمڪين جوڳا پيغام ملڻ بعد شاهه رخ خان کي مهاراشٽرا حڪومت y+ سيڪيورٽي فراهم ڪئي آهي، مهاراشٽرا جي وي آءِ پي سيڪيورٽي يونٽ جي ڪمانڊوز جي ٽيم بالي ووڊ سپر اسٽار سان هر وقت گڏ رهندي.
ميڊيا جو چوڻ هو ته سندس سيڪيورٽي ۾ تربيت يافتا ڪمانڊوز سان گڏ ٽريفڪ ڪليئرنس گاڏي شامل هوندي جيڪا ٽريفڪ کي ڪليئر ڪندي ته جيئن ڪو به اداڪار گاڏي جي اڳيان يا پٺيان نه اچي.
ميڊيا رپورٽس موجب ممبئي ۾ شاهه رخ خان جي ”منت“ گھر جي سيڪيورٽي به وڌائي وئي آهي، ممبئي پوليس جا 4 اهلڪار 24 ڪلاڪ اداڪار جي گھر جي حفاظت ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.