راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ميجر ۽ حوالدار شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز زوب ضلعي جي علائقي سمبازا ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ۽ دهشتگردن کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته آپريشن جي قيادت ڪندڙ ميجر سيد علي رضا شاهه ۽ حوالدار نثار احمد بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا.
You might also like