حماس جا اسرائيل تي حملا جاري، مارجي ويلن جو انگ 800 کان وڌي ويو

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) حماس جي مزاحمت ڪارن ۽ اسرائيلي فورسز ۾ جهڙپون ٽئين ڏينهن به جاري آهن، اسرائيل تي حماس جي حملن ۾ هيل تائين مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 800 کان وڌي ويو آهي.
اسرائيلي ميڊيا حماس جي حملن ۾ 800 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.
اسرائيل جي صحت واري وزارت موجب 2200 کان وڌيڪ زخمي آهن، جن مان 343 سخت زخمي آهي ۽ 22 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
رپورٽ موجب 130 اسرائيلي فوجي ۽ شهري غزا ۾ قيد آهن، حماس جو چوڻ آهي ته غزا تي اسرائيلي حملن ۾ چار اسرائيلي مغوي به مارجي ويا آهن.
اڄ به غزا مان اسرائيلي شهر ايشڪلون تي تقريبن 100 راڪيٽ هلايا ويا، جن مان ڪجهه هدف کي نشانو بڻايو.
اسرائيلي فوجي ترجمان اعتراف ڪيو آهي ته حالتون ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اميد کان وڌيڪ وقت لڳي رهيو آهي، حماس جو حملو آمريڪا ۾ ٿيندڙ نائن اليون جهڙو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.