هڪ ٻي ڀارتي اداڪارا فلسطينين جي حمايت ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سوارا ڀاسڪر اسرائيل جي حمايت ڪندڙن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انهن کي منافق قرار ڇڏيو آهي.
اداڪارا سوارا ڀاسڪر اسرائيل جي حمايتين کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪئي آهي.
سوارا ڀاسڪر اسرائيل جي حمايتين کي مخاطب ڪندي چيو ته ”اوهان، ان وقت ڪٿي هئا جڏهن اسرائيل گذريل ڪيترن ئي سالن کان عزه ۽ اتان جي شهرين، اسڪولن ۽ اسپتالن تي بمباري ڪري رهيو هو.

Swara Bhaskar's series gets bad ratings, leftists say it is because she ...
ڀارتي اداڪارا چيو ته جيڪڏهن اوهان فلسطينين تي اسرائيل جي ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ ظلمن، فلسطينين جي گھرن تي جبري قبضن، فلسطيني ٻارن، عورتن ۽ ننڍي عمرن وارن جي قتل، ڏهاڪا ڊگھي ناڪا بندي ۽بمباري تي صدمو ۽ وحشت محسوس نه ڪئي ته پوءِ اسرائيل تي حماس جي حملن تي اوهان جو ڏک، صدمو ۽ افسوس مون کي منافقاڻو لڳي رهي آهي.
جڏهن ته گذريل ڏينهن ڀارت جي ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل گوهر خان به اسرائيل کي مظلوم ثابت ڪندڙن کي اهڙو ئي جواب ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.