ورلڊ ڪپ: سريلنڪا خلاف ميچ ۾ پاڪستان ٽيم ڪهڙيون تبديليون ٿينديون؟

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ٻي ميچ ڏهه آڪٽوبر ( سڀاڻي ) سريلنڪا خلاف کيڏندو، جنهن لاءِ پليئنگ اليون ۾ ڦيرڦار جو امڪان آهي.

ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ ڏهه آڪٽوبر تي حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيولڊ آهي .

ذريعن موجب، حيدرآباد ۾ ٽريننگ سيشن جي موقعي تي پليئنگ اليون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ميچ لاءِ ٽيم ۾ هڪ تبديلي جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فخر زمان جي جاءِ تي عبدالله شفيق کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، امڪاني پليئنگ اليون ۾ بابر اعظم، امام الحق، عبدالله شفيق، محمد رضوان، سعود شڪيل، افتخار احمد، شاداب خان، محمد نواز، حارث رئوف، شاهين آفريدي شامل آهن.

ياد رهي ته پاڪستان ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ نيڌرلينڊز کي شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.