ٻه هزار ست وارو ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ پاڪستان ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ قومي ٽيم جي آئر لينڊ هٿان شرمناڪ شڪست کانپوءِ ايونٽ مان ٻاهر ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن ڪوچ باب وولمر جي موت سبب ڪاري بابت طور هميشه ياد رهندو.
آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ 2007ع ۾ پاڪستان پهريان ويسٽ انڊيز مات کاڌي ۽ پوءِ آئرش ٽيم هٿان اَپ سيٽ شڪست بعد ٽورنامينٽ مان آئوٽ ٿي ويو هو.
ان وقت ڇا صورتحال هئي ڇا ٿيو ؟ اِهو اهڙو سوال آهي جنهن جو ڪو مستند جواب اڄ تائين ناهي ملي سگهيو، 2007ع ۾ اسڪواڊ ۾ شامل اڳوڻن ڪرڪيٽرن هڪ مقامي نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام۾ گفتگو ڪندي ڪيئي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا .
اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي به 2007 جي اسڪواڊ جو حصو هيو پر فيصل آباد جي ميچ ۾ هڪ غلط حرڪت سبب شروعاتي ميچون نه کيڏي سگهيو هو.
شاهد آفريدي ورلڊ ڪپ جي تلخ يادن تان پردو هٽائيندي ٻڌايو ته باب وولمر جو پاڪستاني رانديگرن سان پيءُ پٽ وارو رويو هو.
هن ٻڌايو ته ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ عالمي ڪپ لاءِ پاڪستان جي بهترين ٽيم چونڊي وئي هئي جنهن ۾ انفرادي پرفارمر به هئا هو ٻن ميچن جي پابندي سبب ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ خلاف نه کيڏي سگهيو پر باب وولمر جو حادثو ۽ اِهو ورلڊ ڪپ اڄ به ياد ايندو آهي ته گهٻرائجي ويندو آهيان.
شاهد آفريدي چيوته باب وولمر جي اوچتي موت بعد پاڪستاني ڪرڪيٽرن جيڪو وقت به ويسٽ انڊيز ۾ گذاريو ڏاڍي مشڪل صورتحال ۾ گذاريو.
هن چيو ته نه رڳو ڪرڪيٽرز پر پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ به ڪڙو وقت هو ۽ اهڙي اڻڄاتل ڊپ ۾ رانديگر جڪڙجي ويا هئا جو راتين جو ننڊ نه ايندي هئي، هوٽل ۾ هر رانديگر کي پنهنجو ڌار ڪمرو هوندو پر واقعي کانپوءِ ٻه ٽي رانديگر گڏجي ڪمري ۾ سمهندا هئا.
اڳوڻي اسپنر مشتاق احمد ان واقعي کي ياد ڪندي چيو ته 2007ع واري ورلڊ ڪپ ۾ ته ٽيم جا پاڪستان مان نڪرندي ئي ڏکيائيون شروع ٿي ويون هيون.
هن ٻڌايو ته ميگا ايونٽ کان اڳ آصف ۽ شعيب اختر ڊوپ ٽيسٽ پازيٽو اچڻ سبب پابندي جو شڪار ٿي ويا، شاهد آفريدي پابندي سبب شروعاتي ٻئي ميچون نه کيڏي سگهيو جنهن بعد اسان لاءِ عالمي ڪپ ختم ٿي چڪو هو.
مشتاق احمد چيو ته عبدالرزاق زخمي ٿي ويو، اظهر محمود فلائيٽ وٺي جنهن ڏينهن پهتو، مجبورن کيس حتمي ٽيم ۾ شامل ڪرڻو پيو.
هن وڌيڪ چيو ته بابر وولمر جي موت کانپوءِ اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي هئي جو رانديگر ۽ ٽيم مئينجمينٽ ڊپريشن ۾ هلي وئي هئي، ٽيم مئنيجر طلعت تمام گهڻو مئچور هو ايترو ڊنل هو جو چوندو هو کيس پنهنجي ڪمري ۾ ننڊ نٿي اچي ۽ رت جا نشان نظر اچن ٿا.