روس جي انٽري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ هاڻي سائبر حملن تائين پهچي چڪي آهي.
جنگ وچ ۾ روس به انٽري ڏئي ڇڏي آهي. ڪل نيٽ نالي هڪ روسي هيڪر گروپ پاران اسرائيلي حڪومت خلاف سائبر حملا شروع ڪيا ويا آهن.
ڪيترين ئي خابرو ادارن رپورٽ ڪيو آهي ته ڪل نيٽ نالي گروپ روس سان واسطو رکي ٿو ۽ هنن ٽيليگرام گروپ تي بيان جاري ڪيو آهي ته اسرائيل حڪومت دهشتگرد آهي ۽ اسان اسرائيلي حڪومتي نظام کي نشانو بنائينداسين.
ان کانسواءِ فلسطين، سوڊان ۽ ليبيا جا هيڪرز به سائبر حملن ۾ شامل ٿي ويا آهن.
هوڏانهن ڀارتي ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته اسرائيل تي سائبر حملن جي نتيجي ۾ ڀارتي هيڪرز اسرائيل جي حمايت ۾ حماس جي نظام کي هيڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.