حماس کان پوءِ حزب الله به اسرائيل خلاف جنگ ۾ لهي پئي

فسلطيني علائقن تي ڏهاڪن کان قابض صيهوني فورسز فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس کان پوءِ پنهنجي خلاف هڪ محاذ کولي ڇڏيو.
اسرائيلي ميڊيا موجب صيهوني فوج طرفان لبنان جي سرحدي علائقي تي بمباري ڪئي وئي.
صيهوني ميڊيا جي دعويٰ آهي ته لبنان جي سرحد پارکان مارٽر گولا فائر ٿيڻ کان پوءِ اسرائيلي فورسز هدفن کي نشانو بڻايو.
هاڻي اطلاع آهن ته اسرائيل فسلطين جنگ ۾ حزب الله به شامل ٿي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب حزب الله جا سوين ويڙهاڪ لبنان کان اسرائيل ۾ داخل ٿي چڪا آهن.
لبنان سان واسطو رکندڙ تنظيم حزب الله اعلان ڪيو آهي ته حزب الله جي عماد مغنيه يونٽ ٽن اسرائيلي فوجي چوڪين تي حملو ڪيو، ٽئي فوجي چوڪيون والاريل شيبه فارمز ۾ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.