سون جي اگهه ۾ حيران ڪندڙ لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بليڪ مافيا خلاف ڪارروائي کانپوءِ سونارا بازار ۾ سون جي اگهن ۾ زبردست لاٿ جو سلسلو جاري آهي، جنهن کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 88 هزار رپيا، جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت هڪ لک 60 هزار 400 رپين تائين پهچي وئي آهي.
سيڪيورٽي ادارن ۽ لاڳاپيل کاتن طرفان ڪرنسي ۽ سون ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين سون جي في تولي قيمت ۾ 27 هزار رپيا، جڏهن ته 10 گرام قيمت ۾ 24 هزار رپين کان وڌيڪ جي لاٿ ٿي چڪي آهي.
سونارا مارڪيٽ مان آخري ريٽ 12 سيپٽمبر تي جاري ٿيا هئا ۽ ان ڏينهن في تولي سون جي قيمت 2 لک 15 هزار رپيا هئي، جڏهن ته ان ئي ڏينهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 15 ڊالر في اونس گهٽيو هو پر سٽي بازن سون جي قيمت ۾ 5 هزار 600 رپيا واڌ ڪئي هئي.
سونارا ايسوسيئيشن جي چيئرمين موجب 12 سيپٽمبر تي 10 گرام سون جي قيمت هڪ لک 84 هزار 585 رپيا هئي، جيڪا هاڻ 24 هزار 715 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 60 هزار 400 رپين تي پهچي چڪي آهي.
آل پاڪستان جيولرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين حاجي هارون الرشيد موجب سومر کان سون جا ريٽ باقاعدي طور جاري ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.