ڪيترو سيڪڙو پاڪستاني شاپنگ مالز مان خريداري ڪندا آهن؟ دلچسپ انگر اکر جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شاپنگ لاءِ گھڻو ڪري ماڻهو شاپنگ مالز جو رخ ڪندا آهن پر تازو ٿيل هڪ سروي ۾ اهو انڪشاف ٿيو آهي پاڪستانين جو وڏو انگ شاپنگ مالز ناهي ويندو.

گيلپ طرفان تازو ئي ڪيل سروي مان گذريل ڏينهن اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته حيران ڪندڙ طور تي 59 سيڪڙو پاڪستان نوڊلز جي ذائقي کان محروم آهن جڏهن ته 39 سيڪڙو پاڪستانين نوڊلز کي پسنديدهه ڊش قرارڏنو ۽ چيو ته هو ان کي شوق سان کائيندا آهن.

هاڻ گيلپ پاڪستان طرفان پاڪستاني عوام جي راءِ تي ٻڌل هڪ ٻي سروي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 58 سيڪڙو پاڪستاني شاپنگ مالز کان پري رهندا آهن ۽ سندن چوڻ آهي ته هو شاپنگ مالز بلڪل ناهن ويندا.

سروي موجب 3 سيڪڙو باقاعدگي سان شاپنگ مالز ويندا آهن جڏهن ته 40 سيڪڙو چيو ته هو شاپنگ مالز ۾ رڳو ضرورت جي وقت ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.