ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪار سڌو موسي والا جي قاتلن طرفان پنجابي گلوڪارا جيسمين سينڊلاس کي نئين دهلي جي ڪنسرٽ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.
ڀارتي ميڊيا موجب گلوڪارا جيسمين سينڊلاس آمريڪا ۾ رهندي آهي جيڪا نئين دهلي جي جواهر لعل نهرو اسٽيڊيم ۾ ٿيل ڪانسرٽ ۾ پنهنجي پرفارمنس لاءِ آئي آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته جڏهن کان گلوڪارا دهلي آئي آهي کيس پرڏيهي نمبر تان قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
پوليس جو ان حوالي سان چوڻ هو ته گلوڪارا کي ٻڌايو ويو هو ته اڄ هن تي اسٽيڊيم ۾ مبينا طور تي حملوڪيو ويندو جنهن سبب سندس هوٽل جي سيڪيورٽي کي سخت ڪيو ويو آهي جڏهن ته دهلي پوليس گلوڪارا کي به سيڪيورٽي فراهم ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب پنجابي گلوڪارا جيسمين سينڊلاس کي مبينا طور تي گينگسٽر لارنس بشنوعي سان واسطو رکندڙ ماڻهن طرفان قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.
ماضي ۾ انهيءَ گينگ سلمان خان کي به قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.
You might also like