شاهين آفريدي ۽ مشتاق احمد نوجوان صائم ايوب لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻن ڪرڪيٽر مشتاق احمد ۽ شاهد آفريدي نوجوان بيٽر صائم ايوب جي پاڪستان ٽيم ۾ عدم شموليت تي سوال اٿاري ڇڏيا.
مقامي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ۽ اڳوڻي بالنگ ڪوچ مشتاق احمد سوال اٿاريو ته اوپنر صائم ايوب ڪيريئر جي بهترين فارم ۾ هلي رهيو آهي پر کيس قومي ٽيم ۾ موقعو نه پيو ڏنو وڃي، نه ئي کيس شاهينز ٽيم سان گڏ کيڏايو پيو وڃي.
مشتاق احمد چيو ته صائم ايوب ۽ اعظم خان هن وقت ٽي ٽوئنٽي ليگز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊمانڊ رکندڙ رانديگر آهن، جيڪڏهن اسان جي ٽيم کي ڇڏي ليگون کيڏي رهيا آهن ته اسان جو فرض آهي انهن سان گڏ ويهون ۽ کين سمجهايون.
شاهد آفريدي سوال ڪيو ته صائم ايوب ليگز کيڏي رهيو آهي، پاڪستان شاهينز جي ٽيم دورا ڪري رهي آهي پر هو اسڪواڊ ۾ شامل ڇو ناهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.