گھوٽ ڪنوار شادي کان پوءِ فوٽو شوٽ لاءِ پيٽرول پمپ پهچي ويا

هڪ پاسي جتي مهانگائي ۽ پيٽرول جون وڌندڙ قيمتون آهن اتي ئي ٻي پاسي پاڪستاني عوام آهي جيڪو ڏکين حالتن باوجود به مُرڪي ۽ ننڍين ننڍين خوشين کي يادگار بڻائڻ نٿو وساري.

سوشل ميڊيا تي نبيل نالي فوٽوگرافي پيج تي سلمان ۽ سحر نالي هڪ جوڙي جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون ويون آهن جيڪي ڏسندي ئي ڏسندي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. انهن تصويرن ۾ گھوٽ ڪنوار کي ڪنهن تاريخي يا خوبصورت هنڌ بدران پيٽرول پمپ تي فوٽو شوٽ ڪرائيندي ڏٺو ويو.

پيٽرول پمپ جي ذريعي گاڏي ۾ پيٽرول وجهندڙ ڪنوار جي معصوميت ۽ گھوٽ جي مُرڪ سوشل ميڊيا واهپيدارن جو ڌيان ڇڪي ورتو آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا واهپيدار به فوٽو شوٽ تي مزاحيا تبصرا ڪري رهيا آهن.

پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي هڪ واهپيدار تبصرو ڪيو ته ”فوٽو شوٽ لاءِ مهانگي ترين لوڪيشن.

هڪ واهپيدار پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ڪنوار کان سوال ڪيو ته ڪٿي پمپ واري سان ته شادي نه ڪئي اٿئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.