بجلي بنا هلندڙ ٽي وي جي هيءَ خاصيت توهان کي دنگ ڪري ڇڏيندي!

جنوري 2023 ۾ دنيا جي پهرين اهڙي ٽي وي متعارف ڪرائي وئي هئي جنهن کي هلائڻ لاءِ بجلي جي ضرورت ناهي.
آمريڪا جي هڪ ڪمپني اها ٽي وي تيار ڪئي آهي جنهن ۾ ڪا به تار ناهي پر بيٽري سان پاور فراهم ڪيو ويندو آهي.
ان ٽي وي ۾ 4 بيٽيون لڳل آهن ۽ ڪمپني موجب سنگل چارج تي اها ٽي وي هڪ مهينو (جيڪڏهن روز 6 ڪلاڪ هلائي وڃي) تائين هلي سگھي ٿي جنهن کان پوءِ ٻيهر چارج ڪرڻ جي ضرورت پوندي.
هاڻي ان ٽي وي ۾ هڪ ٻيو فيچر شامل ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنهن ٻي ٽي وي ۾ هيل تائين موجود ناهي ۽ اهو آهي زپ لائين، جنهن جي ڪري اها پاڻ کي ڀت کان هيٺ به ڪرِڻ نٿي ڏئي.
ڪمپني موجب ان ٽي وي ۾ ايڪٽو لوپ ويڪيوم (ٻه پٽيون) نالي ٽيڪنالوجي به موجود آهي جنهن جي مدد سان ٽي وي کي ڪنهن به سطح تي رکي هلائي سگھجي ٿو.
يعني ان کي دري سان چنبڙائي سگھجي ٿو، ڀت تي يا فرش تي ڪٿي به رکي ان کي هلائي سگھجي ٿو.
پر جڏهن بيٽري تبديل ڪرڻ جي ضرورت پوي ته ان عمل دوران ٽي وي جي ڪِرڻ جو خطرو هوندو آهي پر زپ لائين جو مقصد ان کي ڪرڻ کان بچائڻ آهي.
ڪمپني موجب جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري ٽي وي جي سيل خراب ٿي وڃي يا ڀت ۾ ڪا خرابي هجي، ته زپ لائين فيچر پاڻمرادي طور تي ان کي ڪرڻ کان روڪيندو.
زپ لائين بلڪل ائين ڪم ڪري ٿو جيئن اسپائيڊر مين جي مٿن مان نڪرندڙ ڄار ڪندو آهي.
اهو سسٽم ٽي وي کي هوريا هوريا هيٺ آڻيندو ۽ ٽي وي جي اندران فوم نڪري ايندو ته جيئن زمين سان ٽڪرائڻ تي ڪجهه نه ٿئي.
واضح رهي ته وائرليس هجڻ سان گڏوگڏ ان ڊوائيس کي هلائڻ لاءِ رموٽ ڪنٽرول جي به ضرورت ناهي پر هٿن جي اشارن سان ان کي هلائي سگھجي ٿو.
ان مقصد لاءِ ٽي وي جي مٿين حصي ۾ هڪ ڪيمرا ڏني وئي آهي.
ان ٽي وي جو هڪ ڌاربيس يونٽ باڪس به آهي جنهن کي بجلي جي ساڪيٽ سان پلڪ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهو ئي واءِ فاءِ ذريعي مواد هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪندوآهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.