لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته منهنجي پهرين ۽ آخري ترجيح معيشت جي بحالي آهي.
لنڊن ۾ اوورسيز اڳواڻن سان گفتگو ڪندي نواز شريف چيو ته پاڪستان کي معاشي ميدان ۾ مستحڪم ڪرڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته ترقي جو سفر اتان شروع ٿيندو، جتي بيٺو هو، پاڪستان کي معاشي بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري مان ڪڍنداسين، پاڪستان جي عوام ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رنڊڪ بڻجندڙن کي ڪڏهن معاف نه ڪنداسين، عوام ووٽ جي طاقت سان احتساب ڪندو.
You might also like