عالمي برادري اسرائيلي قبضا ختم ڪرائي فلسطينين کي تحفظ فراهم ڪري: او آءِ سي

جده (ويب ڊيسڪ) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) فلسطينين خلاف اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته مظلوم فلسطينين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
او آءِ سي چيو آهي ته عالمي برادري پنهنجو اثر استعمال ڪندي مداخلت ڪري ۽ فلسطينين خلاف اسرائيلي جارحيت روڪرائي، اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ سوين فلسطيني شهيد ۽ هزارين زخمي ٿيا، علائقائي عدم استحڪام جو سبب اسرائيلي قبضو، ٺهرائن کي تسليم نه ڪرڻ آهي.
اسلامي سهڪار تنظيم موجب علائقائي عدم استحڪام جو سبب اسرائيل طرفان فلسطينين جي روز جي بنياد تي نسل ڪشي ۽ فلسطيني علائقن تي حملا آهن.
او آءِ سي جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري فلسطيني عوام جو تحفظ يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ اسرائيلي قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سنجيده سياسي عمل ۾ سهڪار ڪري ۽ فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.