واٽس ايپ ۾ نون ۽ بهترين فيچرز جو اضافو

واٽس ايپ طرفان ڪجهه نوان فيچرز متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
اينڊرائڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا (beta) ورجن ۾ ڪجهه نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.
انهن مان هڪ فيچر لاڪ چيٽ جي حوالي سان آهي جڏهن ته ٻيو ميسيجز ٽيڪسٽ فارميٽنگ ٽولز جي حوالي سان آهي.
واضح رهي ته چيٽ لاڪ نالي فيچر مئي ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن جي ذريعي واهپيدار مختلف چيٽس کي هڪ فولڊر ۾ محفوظ ڪري سگھبو هو جڏهن ته ان تائين پهچ فون ان لاڪ جي طريقيڪار سان ممڪن هوندي آهي.
رپورٽ موجب هاڻي ميٽا طرفان ان فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ ان ۾ هڪ سيڪريٽ ڪوڊ جو اضافو ڪيو پيو وڃي.
ان فيچر جي آزمائش بيٽا ورجن ۾ ٿي رهي آهي ۽ امڪان آهي ته جلد ان کي سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
سيڪريٽ ڪوڊ فيچر سان واهپيدار پنهنجي لاڪ چيٽس کي وڌيڪ محفوظ بڻائي سگهندا.
اهي انهن چيٽس کي فون ان لاڪ جي طريقيڪار سان گڏوگڏ هڪ سيڪريٽ ڪوڊ جي ذريعي محفوظ بڻائي سگھندا.
ٻيو فيچر ٽيڪسٽ فارميٽنگ ٽولز جو آهي جنهن سان واهپيدار پنهنجي ميسيجز کي وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪسٽمائز ڪري سگھندا.
انهن نون ٽولز ۾ ڪوڊ بلاڪس، لسٽس ۽ Quote بلاڪس شامل آهن.
ان کان اڳ ميسيجز جي ٽيڪسٽ کي بولڊ، اٽالڪ ۽ اسٽرائيڪ ٿرو جهڙن ٽولز سان بهتر بڻائڻ ممڪن هو پر هاڻ ان ۾ وڌيڪ ٽولز جو اضافو ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.