رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب فلسطين ۽ اسرائيل ڇڪتاڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو آهي ته سعودي عرب هٿين خالي فلسطينين کي ڪنهن به طريقي سان نشانو بڻائڻ جي ڪارروائين کي رد ڪري ٿو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا، مصر، قطر، اردن جي هم منصبن ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه سان ٽيليفونڪ گفتگو دوران ڪيو.
شهزادي فيصل بن فرحان ڇڪتاڻ روڪڻ ۽ ڌرين کي عالمي انساني قانونن جو احترام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
هن صورتحال کي پرسڪون ڪرڻ ۽ وڌيڪ تشدد کان بچڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي به زور ڏنو.
You might also like