توهان ڏاڍو ڪِنو ڳائيندا آهيو، پنهنجي پيشي تي ڌيان ڏيو: وسيم اڪرم جي ڏاهاڻي تي تنقيد

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي راند تي فوڪس ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي هئي، جنهن ۾ شاهنواز ڏاهاڻي ڪنهن تقريب ۾ مائيڪ کڻي گانو ڳائي رهيو آهي.
حسن علي ڪيپشن لکيو ته ”اسان جي وچ ۾ هڪ نئون گلوڪار شاهنواز ڏاهاڻي“.
تازو هڪ شو ۾ وسيم اڪرم کان سوال ڪيو ويو ته ڇا شاهنواز ڏاهاڻي کي پاڪستان ٽيم ۾ کيڏائي سگهجي ٿو؟ جنهن تي هن کلندي جواب ڏنو ته توهان غارن ۾ رهندا آهيو يا کوهه ۾.
وسيم اڪرم پنهنجي گفتگو جاري رکندي چيو ته مون کي ڪنهن هڪ وڊيو موڪلي هئي، جنهن ۾ شاهنواز ڏاهاڻي ڳائي رهيو هو، مان کيس صلاح ڏيڻ چاهيندس ته مهرباني ڪري پنهنجي پيشي سان جڙيل رهو، توهان ڏاڍو ڪِنو ڳائيندا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.