مصر ۾ پوليس هٿان ٻه اسرائيلي سياح مارجي ويا

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر جي شهر اسڪندريا ۾ پوليس اهلڪار جي فائرنگ ۾ ٻه اسرائيلي سياح مارجي ويا.

مصر جي گھرو وزير موجب فائرنگ نتيجي ۾ ٻن اسرائيلي سياحن سوڌو هڪ مصري شهري به مارجي ويو جڏهن ته هڪ شخص زخمي به ٿيو آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب پوليس طرفان فوري ايڪشن وٺندي واقعي واري هنڌ کي سيل ڪيو ويو هو ۽ حادثي واري هنڌ تي ايمبولينسز به پهتيون هيون جن لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو.

رپورٽس موجب مصر ۽ اسرائيل وچ ۾ سفارتي لاڳاپا آهن ۽ مصر ڊگھي عرصي کان اسرائيل فلسطين تڪرار ۾ ٽياڪڙي جي طور تي ڪم ڪيو آهي پر ان جي باوجود اسرائيل مخالف جذبا ملڪ ۾ تمام گھڻا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.