ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا يمنيٰ زيدي بهترين اداڪارا جو لڪس اسٽائل ايوارڊ کٽي ورتو.
ڪراچي ۾ ٿيل لڪس اسٽائل ايوارڊز جي 22 هين سالياني تقريب ۾ اداڪار عباس ۽ ارسلان نصير کي بهترين اداڪار جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
يمنيٰ زيدي ٻه لڪس اسٽائيل ايوارڊز کٽيا ۽ سڀ کان وڌيڪ ايوارڊز کٽيندڙ اداڪارا بڻجي وئي.
يمنيٰ زيدي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڪيريئر ۾ ملندڙ 4 ايوارڊز سان گڏ تصوير شيئر ڪندي مداحن جي محبت جا ٿورا مڃيا ۽ لکيو ته مضبوط بڻجو، بهادر بڻجو، خوبصورت رهو ۽ بختاور بڻجو ته منزل سولي ٿي ويندي.