ميهڙ: غلام سرور چانڊيو قتل ڪيس، وارثن جي مرضي موجب ڪيس ۾ جوابدارن نالا شامل ڪرڻ جو حڪم

12ڏينهن اڳ ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ڀرسان قتل ٿي ويل غلام سروس چانڊيو جي قتل ڪيس وارو معاملو، عدالت پوليس کي مقتول جي وارثن موجب جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ميهڙ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عطاءُالله مهر جي عدالت ۾ فريادي نياز چانڊيو جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ڪيس جي جانچ آفيسر کي حڪم ڏنو ته  مقتول جي وارثن جو قلم 164 وارو بيان وٺي ڪيس لاڳاپيل مئجسٽريٽ وٽ جمع ڪرايو وڃي ۽ مقتول جي وارثن جي مرضي موجب جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ داخل ڪيا وڃن.

عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جي ھدايتن موجب قتل جو ڪيس ٻيھر داخل نه ٿو ٿي سگھي تنهنڪري جاچ  آفيسر ان ئي ڪيس ۾ مقتولن جي وارثن جا بيان رڪارڊ ڪري لاڳاپيل مئجسٽريٽ وٽ پيش ڪري.

واضع رھي ته مقتول جي وارثن اڳوڻي صوبائي وزير مير نادر مگسي ۽ ٻين جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.