مهيڙ: آبادگار اتحاد جي سڏ تي ڳوٺاڻ جو بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

مهيڙ ۾ آبادگار اتحاد جي سڏ تي ڳوٺاڻن بجلي جي ڊگهي لوڊ شيڊنگ ۽ ٽيوب ويل فيڊر جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيوآهي.

مختلف ڳوٺن جي رھواسين حبيب حضوري، صدام پنھور، امجد حسين تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾گڏهه کي شهر جو گشت ڪرائي سيپڪو آفيس اڳيان انوکو احتجاج ڪيو آهي.

ان موقعي تي مظاھرين عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته سيپڪو وارا شھرين سان ظلم ڪري رھيا آھن شھر ۾ 20 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪري ٽيوب ويل فيڊر مڪمل بند ڪيو ويو آهي جڏھن ته بجلي جي بندش سبب شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي.

ھنن گھر ڪئي ته ميھڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ ٽيوب ويل فيڊر هلائي پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.