ڪراچي ايئرپورٽ تي عالمي معيار جا جديد رن وي تعمير ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي عالمي معيار جو جديد رن وي تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪمپنين کي ٻولي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.
سي اي اي طرفان ڪراچي ايئرپورٽ تي اسٽيٽ آف دي آرٽ عالمي معيار جا رن ويز تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اختياريون رن ويز جديد طريقي سان تعمير ڪرائڻ چاهين ٿيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٻنهي رن ويز 25 آر ۽ 7 ايل جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي.
جديد رن ويز جي تعمير جي سلسلي ۾ سي اي طرفان ڪمپنين کي ٻولي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.
سي اي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ڪمپنين جو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۾ رجسٽرڊ هجڻ لازمي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.