15 سال پيسن کانسواءِ گذاريندڙ شخص

دنيا ۾ اهو ڪامياب آهي جنهن وٽ پيسو آهي، پر پيسو ئي سڀ ڪجهه ناهي. اهو ثابت ڪيو آهي آئرلينڊ جي شهري مارڪ بوائل جيڪو ”دي مني ليس مين“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، ۽ تقريبن هڪ ڏهاڪي کان سرمائيدارن ۽ صارفين جي اولهه تصورن کي چئلينج ڪري رهيو آهي.

مارڪ ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان هڪ آف گرڊ قافلي ۾ رهندو آهي، هو پنهنجو کاڌو پاڻ پوکيندو هو ۽ گھمڻ ڦرڻ لاءِ پنڌ گھمندو يا سائيڪل هلائيندو هو. هن ان لاءِ ٽڪو به خرچ ناهي ڪيو.

مارڪ 2008ع ۾ پيسن جو استعمال ڇڏي ڏنو هو ۽ تڏهن کان هو پيسي کان پاڪ طرز زندگي گذاري رهيو آهي.

بزنس ۽ اڪنامڪس ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مارڪ بوائل جلد برسٽل، برطانيا ۾ هڪ آرگينڪ فوڊ ڪمپني ۾ سٺي پگهار واري نوڪري ڳولي ورتي هئي.

اهو سندس ورهين جو منصوبو به هو ته هو هڪ سٺي نوڪري ڪري.

پر 2007ع ۾ هڪ رات جو دوست سان گڏ پنهنجي شاندار وڏي ياٽ ٻيڙي تي فلسفاڻي ڳالهه ٻولهه مارڪ جي نظرين کي تبديل ڪري ڇڏيو.

هو عالمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا هئا اها حقيقت ڄاڻڻ لاءِ ته بهترين طريقي سان انهن مسئلن کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي. تڏهن مارڪ محسوس ڪيو ته پيسو گھڻن مسئلن جي پاڙ آهي.

هن ان تجربي بابت پنهنجا ٻه ڪتاب ”دي مني ليس مين“ ۽ ”دي مني ليس مينيفيسٽو“ به لکيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.