فيفا ورلڊ ڪپ 2030 ٽن کنڊن ۾ کيڏيو ويندو!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) فٽبال جي انتظامي اداري فيفا اربع جي ڏينهن اعلان ڪيو هو ته 2030 وارو ورلڊ ڪپ ٽن کنڊن ۾ کيڏيو ويندو.
عالمي ڪپ عام طور ڪنهن هڪ ميزبان مُلڪ يا ڪڏهن ڪڏهن ٻن ميزبان مُلڪن تائين محدود هوندو آهي، پر 2030 ع جي ميزباني غيرمعمولي طور ڪيترائي مُلڪ ڪندا.
2030ع واري ورلڊ ڪپ ميزباني ڪرڻ وارن مُلڪن ۾ اسپين، مراڪش، ارجنٽينا، پيراگوءِ ۽ يوروگوءِ شامل آهن.
شروع ۾ اسپين ۽ پرتگال تجويز ڏني هئي ته هو ورلڊ ڪپ 2030ع جي گڏيل طور ميزباني ڪندا، سندن تجويز تي مراڪش کي شامل ڪيو ويو پوءِ مخالف مُلڪ ارجنٽينا، پيراگوءِ ۽ يورو گوءِ به ٻولين ۾ شامل ٿي ويا.
ڏکڻ آمريڪا جي فٽبال فيڊريشن CONMEBOL جي صدر اليجينڊ روڊو منگيز چيو ته ورلڊ ڪپ جو سئو سالا جشن ڏکڻ آمريڪا کان گهڻو پري نه ٿو ٿي سگهي.
ان غيرمعمولي ٽورنامينٽ جو افتتاح يوروگوءِ جي راڄڌاني مونٽي ويڊيو ۾ ٿيندو جتي 1930 ۾ فٽبال جو پهريون ورلڊ ڪپ کيڏيو ويو هو.
فيفا طرفان ٽن کنڊن ۾ عالمي ڪپ ڪرائڻ واري منصوبي جي منظوري سموري دنيا جي 211 ميمبرن جي سوڪر فيڊريشن 2024ع شيڊيول هڪ ذريعي ڏيندي، اِها ووٽنگ روايتي طور رسمي ڪارروائي هوندي.
2026ع واري ورلڊ ڪپ جيان 2030 وارو عالمي ڪپ به جون ۽ جولاءِ ۾ کيڏيو ويندو، فائنل سميت 104 ميچن تي ٻڌل ميگا ايونٽ ۾ سموري دنيا مان ٽاپ 48 ٽيمون سوڪر جي انتهائي باوقار ٽرافي لاءِ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون
فٽبال ورلڊ ڪپ 2030 ۾ شامل ٽيمن کي وڏا وڏا سفر طئي ڪرڻا پوندا ۽ شرڪت لاءِ ٽائم زون شفٽس موجب پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻو پوندو.
ان ڏس ۾ فيفا جي صدر گئني انفنتينيو جو چوڻ هو ته 2030ع ۾ اسان وٽ هڪ انوکو عالمي نقشو هوندو، ٽي کنڊ، ڇهه مُلڪ فيفا جي سالگرهه ۽ فيفا ورلڊ ڪپ جي خوبصورت راند جو جشن ملهائيندي دنيا کي ڀليڪار ۽ متحد ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.