تل ابيب/يروشلم (ويب ڊيسڪ) فلسطين جي علائقي غزا جي مزاحمتي تنظيم حماس جا ويڙهاڪ اسرائيل تي حملن دوران 50 اسرائيلي فوجين ۽ شهرين کي يرغمال بڻائي ساڻ کڻي ويا.
سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيترين ئي وڊيوز ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته حماس جي ويڙهاڪن ڪيترن ئي اسرائيلي فوجين ۽ شهرين کي يرغمال بڻائي ورتو آهي.
۽ هاڻي اسرائيلي ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته حماست جا ويڙهاڪ حملن دوران 50 اسرائيلي فوجين ۽ شهرين کي يرغمال بڻائي کڻي ويا آهن.
ٻي پاسي عرب ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته حماس جي ويڙهاڪن اسرائيلي فوج جي ميجر جنرل نمرودالوني کي به يرغمال بڻائي کڻي ويا آهن.